امين مگسي

امين مگسي

امين مگسي

امين مگسي: اديب، عالم ۽ محقق، امين مگسيءَ جو پورو نالو محمد امين ولد مفتي ڪريم بخش مگسي آهي. سندس تعلق ميهڙ جي علمي، ادبي ۽ مذهبي گهراڻي سان آهي. سندس والد ڪريم بخش مگسي پنهنجي دؤر جو جيد عالم ۽ مفتي هو. محمد امين مگسيءَ 30 اپريل 1962ع تي ڳوٺ سوڀي مگسي تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ميهڙ مان ئي حاصل ڪيائين، جڏهن ته هن بي.اي 1984ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ايم.اي (جنرل هسٽريءَ) ۾ پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1990ع ۾ ڪئي.
امين مگسيءَ جو والد سيد علي اڪبر شاهه جي قائم ڪيل مدرسي ’مدرسه عربيه دارالقرآن‘ ميهڙ ۾ 50 سالن تائين مهتمم رهيو. محمد امين مگسيءَ ۾پنهنجي والد صاحب جي صحبت ۾ لکڻ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. سندس مضمون ۽ تحقيقي مقالا اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.
محمد امين مگسيءَ جون هيٺيون تصنيفون شايع ٿي چڪيون آهن:
(1) جوڳيئڙا جهان ۾ (دادو جي مشاهيرن جا خاڪا: (1998ع).
(2) مگسي قبيلو، تاريخ ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾: (2012ع).
هن وقت ’بلوچستان جي تاريخ‘ ۽ ’تصوف‘ جي موضوعن تي سندس تحقيق جاري آهي. هو هن وقت پي.آءِ.اي ڪراچي ۾ گروپ 6 ۾ آفيسر آهي ۽ گلشن حديد فيز I ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.04.30  عيسوي

محمد امين مگسيءَ 30 اپريل 1962ع تي ڳوٺ سوڀي مگسي تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڌاريجو علي حسن
ارباب علي عادل چوهاڻ
گرڌاري لال ڏوڏيجا
صديق سالڪ برگيڊيئر
خواجه ذوالفقار
پرويز علي محمد
بالزاڪ
خالد ٽالپر
ٺاڪر چاولا
چغتائي عصمت
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون